درٻار مسڪين پور شريف

درٻار مسڪين پور شريف: هيءُ درٻار حضرت خليفه خواجه غلام صديق بروهيءَ جي آهي.پاڻ درگاهه مسڪين پور شريف جو نالو خلافت کان پوءِ رکيائون. هيءَ درگاهه مستوئي شاخ شهدادڪوٽ کان تقريباً ٻن ڪلوميٽرن جي پنڌ تي اوڀر ڏکڻ طرف آهي. خواجه غلام صديق بروهيءَ جڏهن پور شريف'>درٻار مسڪين پور شريف قائم ڪئي ته هن اُتي مرشدن جي سنت مطابق شرعي قانون جو اجراءُ ڪيو. اتي جي هر رهواسيءَ کي قانون جو پابند ٿي رهڻو پوندو آهي. هتي فقيرن جا 60 گهر آباد آهن.
درٻار مسڪين پور شريف جا ڪجهه شرعي قانون هن ريت آهن:
شريعت جي حڪمن تي عمل ڪرڻ ۽ غير شرعي ڪمن کان پرهيز ڪرڻ.
• پنج وقت نماز باجماعت پابنديءَ سان ادا ڪرڻ.
• ڏندڻ هميشه پاڻ سان گڏ رکڻ.
اگر پاڻ ۾ ڪڏهن به ڪو اختلاف وغيره ٿي وڃي ته شرعي طريقي سان فيصلو ڪري حل ڪرڻ.
هن وقت هن درٻار جو سجاده نشين حضرت حضور بخش زيد مجده آهي.


لفظ درٻار مسڪين پور شريفھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو